رستم علي ٻرڙو

رستم علي ٻرڙو

رستم علي ٻرڙو

رستم علي ٻرڙو: ناميارو موسيقار، اسٽيج ڊرامن جو هدايتڪار ۽ اداڪار رستم علي ولد شوڪت علي ٻرڙو 14 اپريل 1948ع تي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم پرائمري اسڪول قمبر ۾ ورتي ۽ مئٽرڪ 1966ع ۾ هاءِ اسڪول قمبر مان پاس ڪيائين، جنهن کانپوءِ مالي مجبورين سبب وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگھيو. موسيقيءَ جي فن ۾ سندس تربيت مامي استاد احمد علي ٻرڙي ۽ ماروٽ استاد اشرف علي ٻرڙي ڪئي، جنهن کانپوءِ هو فن جي تڪميل لاءِ لاهور ويو، جتي استاد خادم حسين جو شاگرد ٿيو. رستم علي ٻرڙي کي موسيقيءَ جي فن جي بهترين ڄاڻ آهي. هو بانسري، ڪلارنيٽ ۽ شرناءِ جو برجستو وڄتڪار آهي ۽ اهي ٽئي ساز وڏيءَ مهارت سان وڄائي سگھندو آهي. پنهنجي فن جي حوالي سان سنڌ، بلوچستان سان گڏوگڏ لاهور جي موسيقارن توڙي شرناءِ نوازن وٽ نمايان حيثيت رکي ٿو. سندس قائم ڪيل ’رستم ميوزيڪل بينڊ‘ سنڌ سميت بلوچستان ۾ ڪافي مقبول رهي آهي. رستم علي ٻرڙي جي فن جو ٻيو اهم پهلو اسٽيج ڊرامن جي اداڪاري ۽ هدايتڪاري آهي. هن 1988ع ڌاري قمبر ۾ نئين سر اسٽيج ڊرامن جي شروعات ڪرائي ۽ شروع ۾ هن جي هدايتڪاريءَ ۾ ٻه ڊراما ’واسينگ جو انتقام‘ ۽ ’ڌيءُ ڌرتيءَ جي‘ پيش ٿيا، جنهن کانپوءِ هن پنهنجي دؤر جي معروف اسٽيج ڊرامن ’زال زور آور-مڙس مولائي‘، ’عورت جو انتقام‘، ’صنم بيوفا‘، ’انجام‘، ’ڀلاڙي ڀاڳ‘، ’لال بادشاهه‘، ’زندهه لاش‘ ۽ ’مٽيءَ جا ماڻهو‘ ۾ هدايتڪاري ۽ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. ماضيءَ ۾ لاڙڪاڻي جي شاهنواز لائبرريءَ ۾ پيش ڪيل ڊرامي ’سورمي سنڌ جي‘ ۾ بهترين ڪردار ادا ڪرڻ تي کيس سال جي بهترين اداڪار جو اوارڊ ڏنو ويو. هو ’رابيل ڊرامئٽڪ ڪلب لاڙڪاڻي‘ جو سيڪريٽري ۽ ’ڀٽائي ڊرامئٽڪ اينڊ ويلفيئر سوسائٽي‘ قمبر جو صدر پڻ رهي چڪو آهي. رستم علي ٻرڙي جو تعلق هڪ پڙهيل لکيل ۽ علمي ادبي گھراڻي سان آهي. ناميارو محقق ڊاڪٽر رستم علي ٻرڙو ۽ ناميارو ليکڪ رياضت ٻرڙو سـندس ڀـائـر آهـن. هي سـياست سان به لاڳاپيل رهيـو آهـي. ان ڏس ۾ ايس. ٽي. پي، پيپلز هاري ڪاميٽي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو سرگرم ميمبر رهي چڪو آهي. والي بال جو سٺو رانديگر به رهيو آهي، پر هن وقت گھڻين مصروفيتن کي پاسي رکي، صرف موسيقيءَ جي خدمت ڪري رهيو آهي.


لفظ رستم علي ٻرڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.04.14  عيسوي

ناميارو موسيقار، اسٽيج ڊرامن جو هدايتڪار ۽ اداڪار رستم علي ولد شوڪت علي ٻرڙو 14 اپريل 1948ع تي قنبر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شازيه پتافي ڊاڪٽر
وشنوڀاٽيا
برڪلي
درويش حاجي عبداللطيف شاهه قادري
مظفر علي شجراع حاجي
ٺٽي جا مغل نواب
جينت ريلواڻي
اختر مرزا
جلال الدين سيوطي
جوکيو اياز
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون